SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Agent Structure

(click word to listen sound
  • 🔊
  • eidʒənt
  • strʌktʃər
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Agent Structure

ايجنٽ اسٽرڪچر

سرشتي جا مُحرڪ

هي اصطلاح 1987ع ۾، نامياري سماجي سائنسدان ’اليگزينڊر وين‘ (Alexander Wendt) جي لکڻين ذريعي مشهور ٿيو، جيڪو رياست ، ان جي ڪردار ۽ بين الاقوامي سرشتي جي جوڙجڪ کي چڱيءَ ريت سمجهڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. Agent Structure جو تصور ٻن عنصرن تي مشتمل هجي ٿو: هڪ: اُهي ادارا يا ماڻهو، جيڪي معاشري ۾ تبديلي آڻن ٿا ۽ ٻيو: اهو معاشرو جنهن ۾ مُختلف ڌُرين جي هڪٻئي سان ٿيندڙ لاڳاپن جي ذريعي تبديلي اچي ٿي . هن جوڙجڪ ۾ وڏي ۾ وڏو مسئلو Agencies ۽ Agentsجو نظام ترتيب ڏيڻ وارو آهي . ڪجهه دانشورن جو خيال آهي ته معاشرتي روين کي سامهون رکي اهڙي جوڙجڪ ڪجي ، پر 1991ع ۾ ناميارن دانشورن سمٿ ۽ هالِس (Smith and Hollis) اهو سوال اڀاريو ته ”بين الاقوامي سطح تي Agent Structure ڪيئن جوڙجي؟“ 1979ع ۾ ڪي.اين.والٽز (K.N Waltz) پنهنجي تصنيف Theory of International Politics ۾ هن جوڙجڪ کي تمام گهڻو ننديو آهي. والٽز جي نظريي موجب Agent Structure جي ڪري ئي دنيا ۾ جنگين ۽ هٿيارن جو اضافو ٿيو آهي ۽ رياستن وچ ۾ تعلقات سٺا ٿيڻ بدران خراب ٿيڻ لڳا آهن. هي سرشتو هڪ رياست اندر معاشرتي روين تحت ته جوڙي سگهجي ٿو، پر بين الاقوامي سطح تي مُناسب طرح سان نه ٿو لاڳو ٿي سگهي . اهو ئي سبب آهي جو هڪ انصاف ڀريي بين الاقوامي نظام جوڙڻ جا قاعدا اڄ تائين بحث هيٺ آهن


Remember Me Also:

اونگهو

ذ. صفت. سڻڀ کان سواءِ ، اَڻڀو. داغ کان سواءِ رَڌل طعام ، اُنگهو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal